سوامي شانتي پرڪاش

سوامي شانتي پرڪاش: مشهور سنت شانتي پرڪاش 1907ع ڌاري ضلعي شڪارپور جي ويجھو موجود آهي، تاريخي شهر چڪ ۾ شري آسودي مل پهوجا جي گھر ۾ جنم ورتو. پاڻ شروع کان اڪيلائي پسند هو. ننڍپڻ ۾ کيس ماتا جي بيماري ٿي، جنهن ڪري سندس اکين جو نور ختم ٿي ويو ۽ پاڻ نابين بڻجي ويو. سندس گھر ۾ هر وقت ڀڳتي پرچار هوندي هئي. شروع ۾ کيس پنهنجي والد سنت ڀائي مرچورام جي شيوا ۾ ويهاريو، جتي انيڪ سنتن ۽ مهاتمائن جو مٿس روحاني اثر ٿيو. بعد ۾ کيس مهاويدانتي ۽ برهم گياني سوامي ٽيئون رام جو سنگ ملي ويو، جنهن کي پنهنجو گرو ڪيائين ۽ ان جي صحبت ۾ ڌارمڪ گرنٿن ۽ گروگرنٿ جو اڀياس ڪيائين. سوامي شانتي پرڪاش آزاديءَ جي تحريڪ ۾ پڻ حصو ورتو. مهاتما گانڌيءَ جي اصولن موجب سوديشي پڻي جو پرچار ڪيائين. 1933ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ آيل ٻوڏ وقت اٿي وڃي مصيبت هيٺ آيل ماڻهن جي وس آهر خدمت ڪيائين. پاڻ ورهاڱي بعد الهاس نگر وڃي رهائش اختيار ڪيائين. اتي هر روز ستسنگ ڪندو هو ۽ ملڪ ۾ ڪٿي به ڪا قدرتي آفت ايندي هئي ته اتي وڃي مدد ڪندو هو. 1968ع ۾ بهار ۽ راجسٿان ۾ ڏڪار ۽ سورت ۾ ٻوڏ وارن موقعن تي پنهنجي ڀڳتن سميت اتي وڃي ماڻهن جي مدد ڪيائين. پاڻ اکين کان نابين هئڻ باوجود هميشه اکين وارن جي مدد ڪندو رهيو. انسانذات جي خدمت لاءِ ڪيترائي ادارا قائم ڪرايائين. جنتا جنارڌن پريشڌ، راڌي شيام، گئوشالا، سروانند اسپتال ۽ ٻيا انيڪ ڀلائيءَ جا ڪم سندس يادگار آهن، جيڪي سندس ڪوششن سان عمل ۾ آيا. پاڻ چار ڀيرا وديس ياترا ڪيائين. پاڻ سٺو گائڪ ۽ ڀڳتي شاعر به هو. ڀڳتي پرچار ڪندي تمام گھڻي شاعري ڪيائين، جيڪا ڀڄن بهار، ڦلواڙي ۽ ڀڄن سنڌا جي نالن سان ڪتابچن جي صورت ۾ ڇپيل آهي. هن 1992ع ۾ پرلوڪ پڌاريو.


لفظ سوامي شانتي پرڪاشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو